SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


هجرت ڪرڻ-لڏڻ


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


هجرت ڪرڻ-لڏڻ

Immigration

اميگريشن

هن عمل ذريعي ڪو به شخص هڪ جاءِ کان لڏي ٻئي هنڌ تي مستقل رهائش اختيار ڪرڻ گُهرندو آهي . اهو عمل معاشي ، مذهبي ، نسلي ۽ پيشي جي مسئلن ، سياسي ۽ نظرياتي اختلافن ، تعليمي ماحول ، ڪُٽنبي ميلاپ ۽ رهائش واري هنڌ کي اڻ- وڻندڙ سمجهڻ سبب ٿي سگهي ٿو . هي عمل عام طور ٻن طريقن : ڌِڪڻ (Push)۽ ڇِڪڻ (Pull) ذريعي ممڪن بڻبو آهي . هڪ طرف اصل يا پيدائشي ملڪ ۾ وڌندڙ مسئلن يا حڪومتي دٻاءَ سبب لڏپلاڻ ٿئي ٿي ، ته ٻئي طرف ڌاريي ملڪ جي معاشي يا ثقافتي ڪشش ماڻهوءَ ۾ لڏڻ لاءِ اُڻ تُڻ پيدا ڪري ٿي . اڄوڪي دور ۾ يورپ ۽ آمريڪا جي خوشحاليءَ سبب دنيا جي اڪثر ماڻهن جو لاڙو انهن علائقن ڏانهن لڏڻ وارو آهي . پنهنجي ملڪ کي ڇڏڻ واري عمل کي Emigration ۽ ٻئ مُلڪ رَسڻ واري عمل کي Immigration جي اصطلاحن سان سڏيو وڃي ٿو . جيڪا لڏپلاڻ ميزبان حڪومت جي مرضيءَ بنا ۽ ڳُجهي طريقي سان ٿئي ان کي غيرقانوني سمجهيو ويندو آهي ۽ اها صورتحال تيستائين برقرار رهندي آهي ، جيستائين ميزبان حڪومت لڏيندڙ جي ڏنل وضاحتن مان مطمئن ٿئي يا لاڳاپيل مُلڪ ۾ گهربل قانون سازي نه ٿئي


Migration

مائيگريشن

ڪنهن به هڪ علائقي کان ٻئي ۽ ڏورانهين علائقي ڏانهن انساني آباديءَ جي وڏي انگ جي لڏڻ واري عمل کي ’هجرت‘ چيو وڃي ٿو. اهو عمل راضپي سان ساڳئي ملڪ جي اندر روزگار ، بهتر اُجوري يا ٻين سهولتن خاطر لڏو کڻي هڪ جاءِ کان ٻئي هنڌ منتقل ٿيڻ ، يا بنا راضي جي ٿيندڙ نسلي ڇڪتاڻ ، ناجائز انساني واپار(Human Trafficking) ۽ غلامن جي وڪري ذريعي ممڪن ٿيندو آهي . هجرن ۽ لڏپلاڻ جو اهڙو طريقو اختيار ڪندڙن کي حالتن ۽ پس- منظر موجب ’مهاجر‘ يا ’آبادڪار‘ چيو ويندو آهي . البت روزاني بنيادن تي هڪ کان ٻي جڳهه تي ايندڙ ويندڙ (Commuter) ڪم ڪار لاءِ هڪ علائقي کان ٻئي علائقي ڏانهن عارضي بنيادن تي ايندڙ کي ’مسافر‘ ۽ زيارت يا سير سفر لاءِ پنڌ پوندڙ کي ’سياح‘ چيو ويندو آهي . هجرت جو عمل مختلف مونهارن ، ثقافتي تفاوت ۽ نا ٺاهيءَ جي ڪري ٻن ملڪن وچ ۾ تڪرار کي جنم ڏيڻ سان گڏ عالمي سطح تي انتهائي وڏا ڏچا پيدا ڪري سگهي ٿو . هجرت جو هڪ وڏو سبب ٻن ملڪن وچ ۾ پيدا ٿيل تڪرار به هوندا آهن ، جنهن جو هڪ وڏو مثال پاڪ – هند ورڇ (1947ع) ۽ ٻيو مثال يوگوسلاويائي گهوٽالو (1992) آهي


Remember Me Also:

ٻه پهر

ذ. ڇهن ڪلاڪن جو عرصو. اَڌ ڏينهن يا رات.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal